ڪامران ٽيسوري

ڪامران ٽيسوري

ڪامران ٽيسوري

ڪامران ٽيسوري: سنڌ صوبي جو 34هون گورنر ڪامران ٽيسوري ولد اختر خان ٽيسوري 5 مئي 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم.اي آهي. هن پنھنجي سياسي سفر جي شروعات پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) کان ڪئي. 2013ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 2017ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو. 2018ع تي پارٽي منشور جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم سندس بنيادي رڪنيت ختم ڪئي. سيپٽمبر 2022ع ۾ ڳالهين کانپوءِ ايم ڪيو ايم کيس ٻيھر پارٽيءَ ۾ شامل ڪري رابطا ڪميٽيءَ جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو، 10 آڪٽوبر 2022ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. سياست کان علاوه قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي زيورن ۽ هيرن جو مشھور واپاري پڻ آهي. هن کي ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر ايوارڊ ۽ 9 ڀيرا جيم ائنڊ جيولري ۾ ‘دي لارجيسٽ ايڪسپورٽ’ ٽرافي ملي. ان کان علاوه ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ مليا جن ۾ : پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي هٿان ’گولڊن سن آف پاڪستان ايوارڊ‘ ۽ اڳوڻي صدر عارف علوي هٿان ’تمغه امتياز‘ شامل آهن.


لفظ ڪامران ٽيسوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.05.05  عيسوي

سنڌ صوبي جو 34هون گورنر ڪامران ٽيسوري ولد اختر خان ٽيسوري 5 مئي 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي بي آڏواڻي
حيات سنڌي ڊاڪٽر
سارتر
ساڌو هيرانند
بخشل ٿلهو
الفارابي
ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
سيد موزل شاهه
حڪيم مولوي عبدالستار چنو
حاجي محمد پيرازدو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون